ايف. اي. خان ڊاڪٽر

ايف. اي. خان ڊاڪٽر

ايف اي خان ڊاڪٽر

ايف. اي. خان ڊاڪٽر: پاڪستاني آثارِ قديمه جي ماهر ۽ تحقيقي اداري جي هن سربراهه ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ پهرين مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان پهريان تاريخ جي شعبي ۾ ۽ پوءِ جاگرافي جي شعبي ۾ ماسٽرز جون ٻه ڊگريون حاصل ڪيون. بعد ۾ هن لنڊن يونيورسٽي مان آثارِ قديمه جي شعبي ۾ ’’سنڌو تهذيب جو آڳاٽي ايراني ڪلچر سان واسطو“ (An Archaeological Study of the Indus Valley Civilization and Their Relationship to the Early Cultures of Iran) جي عنوان سان تحقيقي مقالو تحرير ڪري ڊاڪٽري جي سند حاصل ڪئي.
آڪٽوبر 1938ع ڌاري، هندستاني آثار قديمه جي سرڪاري اداري ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جتان پوءِ 1947ع ۾ کيس هندستاني حڪومت پاران چيني آثارِ قديمه بابت علمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن لاءِ چين موڪليو ويو.
آثارِ قديمه جي شعبي ۾ سندس اهم ڪارنامو سنڌو ماٿري تهذيب تي گذريل 25 سالن ۾ ٿيل تحقيق جو وسيع پيماني تي تقابلي مطالعو انتهائي اهميت جو حامل آهي. ان کان علاوه هن قديم هندو، ٻڌمت ۽ اسلامي دؤر جي آثارن ۽ انهن دورن بابت پيدا ٿيل مفروضن/ مسئلن
جو تحقيقي نقطهء نگاهه سان مطالعو پڻ پيش ڪيو.
پاڻ 1954ع کان اوڀر پاڪستان ۾ موجود ٻڌمت جي قديم ماڳ مينامتي جي کوٽائيءَ جي عمل ۾ سرگرم آهي، جڏهن ته سندس ٻين اهم تحقيقن ۾ سنڌو ماٿري جي آڳاٽي هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ آبادڪاري واري پراڻي ماڳ ڪوٽڏيجي بابت کوجنا، سنڌ جي شهر ڀنڀور ۾ اٺين صدي عيسويءَ ڌاري عربن پاران قائم ڪيل آڳاٽي شهر جي آثارن تي ڪيل تحقيق شامل آهن.
هن پنهنجي تحقيقي ڪم جي حوالي سان بي شمار مقالا تحرير ڪيا آهن، جيڪي مختلف ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، نيدرلينڊ، برطانيه، هندستان ۽ پاڪستان جي تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
آثارِ قديمه جي حوالي سان سندس ڪيل خدمتن عيوض 1961ع ۾ پاڪستاني سرڪار پاران کيس تمغهء پاڪستان سان نوازيو.
سندس شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
1. Mainamati: Recent Archaeological Discoveries In East Pakistan (1955).
2. Preliminary Report On Koti Diji Excavation (1957-58)
3. Preliminary Report On Bhanbhore Excavations (1960).
4. The Princess Bomba Collection (Antiquities Of Sikh Period): Catalogue, With Bomba Jindan Dileep Singh Sutherland (1961)
5. Banbhore: A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
6. Mainmati; A Preliminary Report On The Recent Archaeological Survey (1963)
7. The Indus Valley And Early Iran (1964)
8. The Glory That Was Mohenjodaro (1967)
9. The Glory That Was Harrapa (1967).
10. Architecture And Art Treasures In Pakistan, (1969).



هن صفحي کي شيئر ڪريو